طالب حسين مغل

طالب حسين مغل

طالب حسين مغل

طالب حسين مغل: ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ذريعي ننڍي عمر ۾ شهرت جي بُلندي تي پهچندڙ طالب حسين مغل 1985ع ڌاري گاڏي کاتي حيدرآباد جي علائقي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم محمدي گورنمينٽ اليمنٽري اسڪول کوکر پاڙي، مئٽرڪ ماڊل اسڪول، انٽر ماڊل ڪاليج ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماس ڪميونيڪيشن شعبي مان ڪيائين. 2005ع ۾ ريڊيو حيدرآباد سان سلهاڙجي ويو. هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي چينل ايف.ايم 101 جو پهريون سنڌي ڪمپيئر آهي. 2005ع ۾ جڏهن ايف.ايم 101 جي ٽرانسميشن کي نون ڪلاڪن مان وڌائي 18 ڪلاڪ ڪيو ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ پروگرامن جو آغاز ڪيو ويو ته سڀ کان پهرين طالب حسين مغل جو آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ گونجيو، کيس سندس محنت عيوض ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران 2006ع ۾ بيسٽ سنڌي ڊي.جي جو اوارڊ، ايف.ايم لسنرز ڪلب حيدرآباد پاران 2006ع ۾ حسن ڪارڪردگي اوارڊ، 2011ع ۾ وي. ايڪس.ايم پاران بطور سنڌي بيسٽ ڊي. جي، يعقوب ذڪريا اوارڊ به ڏنو ويو. 2010ع جي ٻوڏ ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ ايف.ايم 101 جو متاثرن لاءِ ڪيل ڪم ساراهه جوڳو آهي. طالب حسين مغل کي اهو اعزاز حاصل آهي جيڪو سنڌي ۾ آن ايئر شو ۽ پاڪستان سطح تي حيدرآباد جو پهريون ڊي.جي آهي جنهن بيسٽ آر جي 2011ع جو اوارڊ ماڻيو، انهي شو ۾ پوري ملڪ جا ايف.ايم.ڊي جي ۽ ريڊيو جا ڪيترائي آفيسر شامل هئا، جن مان سنڌ مان طالب حسين مغل هو. ان کان علاوه 14 جولاءِ 2012ع تي بيسٽ سنڌي ڊي.جي جو سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪري چڪو آهي. هي نه صرف سٺو ڊي.جي آهي، پر سٺو ليکڪ، ڊائريڪٽر، مترجم ۽ فنڪار به آهي. پاڻ ٽي وي چينل تي بطور ڊائريڪٽر ڪم ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه مختلف اخبارن ۾ مضمون ۽ ڪالم به لکندو رهندو آهي. هي ننڍي عمر جو مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃائيندڙ نوجوان آهي. هن وقت پاڻ ايف.ايم 101 حيدرآباد تان سنڌي شخصيتن ۽ ڪلامن جي حوالي سان خصوصي پروگرام پيش ڪري رهيو آهي. طالب حسين مغل 2015ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي پروڊيوسر مقرر ٿيو. جتي پنهنجا فرض سر انجام ڏئي رهيو آهي.


لفظ طالب حسين مغلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو